گوادر (ويب ڊيسڪ)آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ مستقل ۽ مضبوط ڀائيواري تحت بلوچستان جي عوام سان آمريڪا جي عزم کي اجاگر ڪرڻ لاءِ گوادر جو دورو ڪيو ۽ علائقائي ترقي، واپاري ۽ تجارتي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جي موقعن جو جائزو ورتو.پنهنجي دوري دوران سفير بلوم سياسي اڳواڻن، گوادر چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي نمائندن سميت مختلف سرڪاري ۽ خانگي شعبن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون.ان موقعي تي آمريڪي سفير چيو ته آمريڪا ۽ بلوچستان وچ ۾ ڪامياب لاڳاپن جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي، گذريل سال جي تباهي واري ٻوڏ کانپوءِ آمريڪا 6 لک 61 هزار ماڻهن ۽ 90 هزار ٻارن کي کاڌ خوراڪ ۽ انتهائي گهربل امداد فراهم ڪئي. هن چيو ته گذريل سال دوران بلوچستان ۾ آمريڪي امداد سان 41 صحت مرڪزن جي ڪاميابيءَ سان مرمت ڪئي وئي، جڏهن ته تعليم جي شعبي ۾ آمريڪي امداد سان بي يو آءِ ايم ايس ۽ سردار بهادر خان وومين يونيورسٽي ۾ پڻ پروگرامز جاري ڪيا ويا.ڊونلڊ بلوم چيو ته آمريڪي سهڪار سان بلوچي ۽ ٻين مختلف ٻولين جي تدريسي ۽ تعليمي مواد کي تيار ڪري ايندڙ نسل جي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ پڻ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.سياسي اڳواڻن سان ملاقات ۾ آمريڪي سفير ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري سميت معاشي ترقي، آفتن جي تياري ۽ امداد ۽ سيڪيورٽي جي حوالي سان بلوچستان جي ترقي لاءِ آمريڪي حمايت کي ورجايو. ان موقعي تي هن انهن قدمن جو به ذڪر ڪيو جنهن ذريعي پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ پنهنجي ماحول کي بهتر بڻائي سگهي ٿو.گوادر چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان ملاقات ۾ سفير ڊونلڊ بلوم خطي ۾ ڪاروبار، ٽرانسپورٽ، سياحت، ماهيگيري ۽ بحريه سان لاڳاپيل معاشي شعبن ۾ آمريڪي واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.آمريڪي سفير سان ملاقات دوران چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد کيس ٻڌايو ته ڪيئن پاڪستان جي قيادت ۾ سمورن گروپن جي شرڪت سان ڪاروباري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ سان بلوچستان ۾ روزگار ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو ۽ ڪاروباري لاڳاپن کي ڪيئن وڌايو وڃي. بلوچستان ۾ ٽيڪنيڪل صلاحيتن کي وڌائي ٻه طرفي واپار کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو.حڪومتي ۽ ڪاروباري اڳواڻن سان ملاقاتن ۾ سفير ڊونلڊ بلوم پاڪ-آمريڪا گرين الائنس فريم ورڪ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جيڪو ٻنهي ملڪن جي ماحولياتي، توانائي، پاڻي ۽ معاشي ضرورتن کي گڏجي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڪري رهيو آهي.هن چيو ته اسان بلوچستان سميت سڄي پاڪستان کي ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت وڌائڻ، متبادل توانائي جي فروغ ۽ يڪسان معاشي ترقي ۾ سهڪار فراهم ڪري رهيا آهيون.هن وڌيڪ چيو ته گرين الائنس تحت 12 هزار هارين، جن مان اڪثريت جو تعلق بلوچستان سان آهي، کي آمريڪي امداد ڏني وئي ۽ 2 هزار ايڪڙن تي بهتر ٽيڪنالاجي ۽ انتظامي طريقا استعمال ڪري پيداوار ۾ بهتري ۽ نقصان کي گهٽايو ويو.آمريڪي سفير گوادر بندرگاهه جو دورو ڪيو جتي هن پورٽ اٿارٽي جي چيئرمين پنساد خان بليدي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ بندرگاهه جي آپريشنز، ترقياتي منصوبن ۽ گوادر جي علائقائي واپاري مرڪز بڻجڻ جي امڪانن ۽ ان کي آمريڪا سان ڳنڍڻ جي طريقن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جيڪا پاڪستاني برآمدات جي سڀ کان وڏي منڊي آهي. بحث ڪيو.پاڪستان نيوي جي ويسٽرن ڪمانڊ سان ملاقات ۾ سفير ڊونلڊ بلوم علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ايندڙ سالن ۾ پارٽنرشپ جاري رکڻ تي زور ڏنو.










