اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سمنڊ پار پاڪستانين ۽ هيومن ريسورس ڊولپمينٽ واري وفاقي وزير ساجد حسين طوري آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي سهولتون فراهم ڪرن لاءِ عبدالعزيز نظاماڻي کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو آهي. ان ڏس ۾ وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هو آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني شهرين سان ويجهو رابطو رکندو ۽ سندن مسئلن جي حل لاءِ ڪم ڪندو. نوٽيفڪيشن موجب هو آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ترغيب ڏيندو ته پرڏيهي ناڻو قانوني چينلز ذريعي وطن موڪلين. آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي درپيش مسئلا ترجيحي بنياد تي حل ڪرائيندو. نوٽيفڪيشن ۾ سندس رابطي لاءِ ايڊريس 11606 بيٽي هل ڪورٽ رچمنڊ ٽيڪساس 77407 آمريڪا ڄاڻايل آهي، فون نمبر 5088788 832 اي ميل jani3918@gmail.com ڄاڻايل آهي.










