اسانکي رقيب نه پر شريڪ هجڻ گهرجي، شي جن پنگ

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني صدر شي جن پنگ سان آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي آهي. ان موقعي تي چيني صدر شي جن پنگ جو چوڻ هو ته ڪجهه مهينن اندر ٻنهي ملڪن جي ٽيمن وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي. چيني صدر چيو ته ٻنهي ملڪن کي اختلاف ختم ڪري گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، چين آمريڪا جي خوشحالي ۽ پراعتمادي تي خوش آهي، اميد آهي ته آمريڪا به چين جي ترقي تي هاڪاري نظر رکندو، هاڻي به ڪيترائي مسئلا آهن جن کي حل ڪرڻ گهرجي. اسين دنيا جون ٻه وڏيون معيشتون آهيون اسانکي هڪٻئي جو شريڪ هجڻ گهرجي رقيب نه بڻجڻ گهرجي. ان کان اڳ بلنڪن پنهنجي هم منصب وينگ يي سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن ۾ ميزبان مٿس واضح ڪيو هو ته تجارتي معاملا هجن، تائيوان جو مسئلو هجي يا يوڪرين ۾ روس کي جنگبندي لاءِ قائل ڪرڻ سميت ڪو ٻيو مسئلو آمريڪا دٻاءَ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته تعلقات خراب ٿيندا. آمريڪي پرڏيهي وزير جو دورو ان وقت ٿي رهيو آهي جڏهن آمريڪي ڪانگريس ٽڪ ٽاڪ تي پابندي بابت بل پاس ڪيو آهي ۽ چين کان اسٽيل ۽ ايلمونيم جي برآمدت تي ٽيڪس ٽيڻ تي وڌائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو