آمريڪا کي گاريون ڏيندڙ معافيون ڇو پيا گهرن ؟ ملڪ

آمريڪا کي گاريون ڏيندڙ معافيون ڇو پيا گهرن ؟ ملڪ

اسلام آباد(بيورو)پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته آمريڪا کي گاريون ڏيڻ وارا اڄ معافي ڇو پيا گهرن. عمران خان جي تقرير تي رد عمل ڏيندي مصدق ملڪ چيو ته عمران خان پنهنجي تقرير ۾ ڪيترائي ڀيرا آمريڪا کان معافي گهري، عمران خان چيو ته هو آمريڪا سان گڏ آهي، هو ان سان دشمني نٿو چاهي، توهان ڇا ٿا چاهيو؟ مصدق ملڪ چيو ته بار بار آمريڪا جو ذڪر ڇو ٿا ڪريو؟ آمريڪا سان ايتري دشمني آهي ته پوءِ لابي ڪهڙي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي؟هن چيو ته پي ٽي آءِ آمريڪا ۾ جيڪا لابنگ فرم ڪرائي آهي اها پاڪستان جي ائٽمي ٽيڪنالاجي خلاف آهي، عمران خان 75 لک رپين جي لابسٽ ڇو رکي آهي؟ ڇا آمريڪا ۾ لابي چوندي ته عمران خان کي آزاد ڪيو وڃي؟مصدق ملڪ وڌيڪ چيو ته روسي سفير پيوٽن کي ٻڌايو ته عمران خان جو تيل سان ڪو به تعلق ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو