آمريڪا پاران پاڪستان ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري جي خواهش

آمريڪا پاران پاڪستان ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري جي خواهش

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آمريڪي ارب پتي سيڙپڪارن جي وفد جي سربراهه جينٽري بيچ چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪرڻ چاهي ٿو. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي جينٽري بيچ چيو ته پاڪستان اچي ڏاڍي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، پاڪستان جا ماڻهو گهڻا ذهين ۽ محنتي آهن، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا تاريخي آهن. هن چيو ته دنيا ۾ امن ۽ ترقي جو نئون دور شروع ٿي چڪو آهي، آمريڪا ۾ پاڪستان جي حوالي سان ڪجهه غلط فهميون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڊونلڊ ٽرمپ جي اقتصادي سفارتڪاري تي يقين رکون ٿا، آمريڪي سيڙپڪارن جو وفد پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ آيو آهي. سندس چوڻ هو ته آمريڪا پاڪستان ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪرڻ چاهي ٿو، آمريڪي سيڙپڪار هٿرادو ذهانت، ريئل اسٽيٽ ۽ معدنيات ۾ سيڙپڪاري جا خواهشمند آهن، پاڪستان جي موجوده قيادت نئين آمريڪي قيادت سان مڪل طور هم آهنگ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو