آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ شديد طوفان سبب 23 ڄڻا فوت

آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ شديد طوفان سبب 23 ڄڻا فوت

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ طوفان سبب فوت ٿيلن جو انگ 23 ٿي ويو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب اهي موت ٽيڪساس، اوڪلاهوما، آرڪنساس ۽ ڪينٽڪي ۾ ٿيا.طوفان آرڪنساس ۾ 8، ڪينٽڪي ۾ 5 ۽ اوڪلاهوما ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا.پرڏيهي ميڊيا موجب رياست ٽيڪساس ۾ طوفان سبب فوت ٿيلن جو انگ 7 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪولوراڊو ۾ هڪ شخص فوت ٿي ويو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب مسيسپي ۽ آرڪنساس کان ورجينيا ۽ ڏکڻ ڪيرولينا تائين لکين ماڻهو بجلي کان محروم آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو