آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ملڪ ۾ پهرين اسپيشل عدالت قائم

آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ملڪ ۾ پهرين اسپيشل عدالت قائم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ملڪ ۾ آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ تحت خاص عدالت قائم ڪئي وئي آهي.آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ جي عدالت جي اضافي چارج دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج کي سونپي وئي آهي، جج ابوالحسنات آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ تحت داخل ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندو.سڄي ملڪ ۾ آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ جي عدالت قائم ڪئي وئي آهي جيڪا اسلام آباد ۾ آهي، قانون موجب آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ تحت ڪيسن جي ٻڌڻي ڪيمرا ۾ ٿيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سڪرنڊ ڪيس ۾ گرفتار پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي ڪجهه دير کانپوءِ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو