وڏي وزير آفريدي سان ڪورڪمانڊر ملاقات ڪري مبارڪ ڏني

وڏي وزير آفريدي سان ڪورڪمانڊر ملاقات ڪري مبارڪ ڏني

پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل عمر احمد بخاري سان اهم ملاقات ٿي آهي.رپورٽ موجب ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سهيل آفريدي ڪور ڪمانڊر پشاور سان ون آن ون ملاقات ڪئي جنهن ۾ صوبي جي سيڪيورٽي صورتحال ۽ موجوده حالتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جڏهن ته صوبي ۾ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جڏهن ته صوبي ۾ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.سيڪيورٽي ذريعن موجب ملاقات ون ٽو ون نوعيت جي هئي، ڪوبه ٻيو ذميوار موجود نه هو، ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل عمر احمد بخاري سان ملاقات امن جرگه کان اڳ ٿي آهي.سيڪيورٽي ذريعن موجب ملاقات ڪرٽيسي ڪال جي طور تي ٿي جنهن ۾ صوبائي سيڪيورٽي ۽ امن امان جي معاملن تي بحث هيٺ آيا.ياد رهي ته ڪي پي ڪي جي اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور عهدو سنڀالڻ کان پوءِ ڪابينه سان گڏ ڪور ڪمانڊر سان ملاقات ڪئي هئي جڏهن ته نئين چونڊيل وڏي وزير سهيل آفريدي ڪور ڪمانڊر پشاور سان ون ٽو ون ملاقات ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو