آفاق خلاف ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي 25 مارچ تائين ملتوي

آفاق خلاف ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي 25 مارچ تائين ملتوي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سٽي ڪورٽ ڪراچي ۾ مهاجر قومي موومينٽ جي چيئرمين آفاق احمد خلاف ڪيس جي ٻڌڻي بغير ڪنهن ڪارروائي جي 25 مارچ تائين ملتوي ڪئي وئي.آفاق احمد جو وڪيل اڄ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته آفاق احمد پنهنجي رستي تي آهي.عدالت بعد ۾ ڪيس جي ٻڌڻي بغير ڪنهن ڪارروائي جي 25 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.پوليس موجب، آفاق احمد خلاف سرجاني ٽائون پوليس اسٽيشن ۾ بغاوت جي قلم تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ڪيس جي متن موجب آفاق احمد جي تقرير کان پوءِ ماڻهن ٽينڪرن کي باهه ڏئي ڇڏي.ياد رهي ته آفاق احمد سرجاني ٽائون پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيس ۾ ضمانت تي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو