آسا پاران شهباز اسٽوڊيو جو افتتاح ۽ افطار پارٽي

آسا پاران شهباز اسٽوڊيو جو افتتاح ۽ افطار پارٽي

ڪوٽڙي (ن سنڌيار) آل سنڌ سنگيتڪار ايسو سيئيشن (آسا) ضلعي دادوء جي سينيئر اڳواڻ محترم علي شير سمون جي محنت ۽ ڪوششن سان ڪوٽڙيء جي دوستن محترم نثارسمون، علي محمدجوکيو ۽ عبدالنبي ناريجو پاران آسا چيئرمين جي مان ۾ افطار پارٽي جو بندوبست ڪيو ويو ۽ شھباز اسٽوڊيو جي افتتاحي تقريب پڻ رکي وئي. آسا جي مرڪزي پريس ترجمان شريف عباسي موجب افطاري کان پوء آسا چيئرمين استادعبدالغفور سومرو ،خانصاحب استاد فتح علي خان ،آساجو مرڪزي جوائٽ سيڪريٽري محترم برڪت وڌو،آسا ضلعي ڄام شورو جو صدر محترم سڪندرعلي بڙدي آسا ڄامشورو جو نائب صدر محترم دانش منظور ٿھيم ،محترم لياقت سھارڻ, معشوق، کوکر،احسان سمو ۽ ٻين آسا جي اڳواڻن جي ڀرپور شرڪت ڪئي.

Photo Sindhyar

شھباز اسٽوڊيوجو افتتاح آسا چيئرمين استاد عبدالغفور سومرو ،استاد فتح علي خان ،علي شير سمو ،سڪندرعلي بڙدي ۽ ٻين ربن ڪاٽي ڪيو ۽ مبارڪون ڏنيون ۽ دعائون گھريون،ان موقعي تي نثار سمو ،علي محمد جوکيو ۽ عبدالنبي ناريجو سڀني جي سامھون آسا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو، علي محمد جوکيو شھباز اسٽوڊيو جي جڳھ ۽ آسا ڪوٽڙيء جي آفيس لاء پنھنجي جڳھ ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو،آسا چيئرمين  عبدالغفور سومرو خانصاحب استاد فتح علي خان صاحب کي آسا جي سرپرست اعليٰ لاءِ عرض ڪيو ۽ اھا زميواري استاد فتح علي خان صاحب دل سان قبول ڪئي،اتي موجود لاھور جو سينيئر ڪاميڊين فنڪار حسن عباس  پڻ آسا ۾ شامل ٿيو ۽ آسا جو ميمبر شپ فارم پڻ ڀريو ۽ اھو پڻ اعلان ڪيوته مان لاھور ۾ آسا جي مالي سھائتا چيرٽي شو ڪندس ۽  فنڪارن،فنڪارائن ۽ سازندن جي ڏکي سکي جي موقعي تي سندن حقن لاء آواز اٿاريندس.

پهنجو تبصرو موڪليو