اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) آزاد ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم سردار تنوير الياس چيو ته آزاد ڪشمير ۾ نئين صدر جي چونڊ تي صلاح مشورا مڪمل ٿي ويا آهن.سردار تنوير الياس چيو ته آزاد ڪشمير جو نئون صدر ڪجهه ڏينهن ۾ چونڊيو ويندو، پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جي صدر لاءِ پنهنجو اميدوار آڻيندي، ۽ آزاد ڪشمير اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.هن وڌيڪ چيو ته نئون ڊپٽي اسپيڪر به پيپلز پارٽي مان آڻڻ جو امڪان آهي، ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ نالا پڻ وفاق ڏانهن موڪليا ويا آهن.










