اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آرمي چيف هنکي پنهنجي پٽ جي شادي جي وليمي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. جنرل باجوا کي 2 پٽ آهن سندس وڏي پٽ سعد جي شادي نومبر 2018 ۾ ماهه نور صابر سان ٿي هئي. جيڪا لاهور جي ڪاروباري شخصيت جي ڌيءَ آهي. ننڍي پٽ علي باجوا جي شادي پختون گهراڻي ۾ ٿي رهي آهي. آرمي چيف قومي سلامتي بابت بريفنگ ۾ جڏهن پشتون اڳواڻن چيو هو ته فوج پشتونن جي زيادتين جو ازالو ڪري ته آرمي چيف چيو هو ته هو پشتونن سان ايترو ويجهو آهي جو پٽ جي شادي پختون فيملي مان ڪري رهيو آهي.










