حيدرآباد ( پ ر) سنڌ آبادگار بورڊ ڊيزل جي اگهه ۾ وڏي واڌ کي منهن ڏيڻ لاءِ ننڍن آبادگارن لاءِ اعلان ڪيل 1500 روپين جي سبسڊي تي بي اطميناني جو اظهار ڪندي ان کي انتهائي گهٽ قرار ڏيندي چيو آهي ته اها سبسڊي ننڍن آبادگارن مان 20 سيڪڙو آبادگارن کي به مشڪل سان ئي ملي سگهندي. سنڌ آبادگار بورڊ آبادگارن سان نا انصافين خلاف آواز اٿارڻ لاءِ هفتي اندر حڪمت عملي ٺاهڻ جو فيصلو پڻ ڪيو آهي. حيدرآباد ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جو اجلاس محمود نواز شاهه جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڊاڪٽر بشير نظاماڻي، سيد نديم شاهه، ملوڪ نظاماڻي، عمران بوزدار، طاها ميمڻ، مسرور سومرو، سرمد نظاماڻي، مراد علي شاهه بڪيرائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آبادگارن ڊيزل جو اگهه ناقابل برداشت حد تائين وڌائڻ جي حڪومتي فيصلي تي افسوس جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ چيو ويو ته حڪومت طرفان هاري ڪارڊ رکندڙ ننڍن آبادگارن کي في ايڪڙ 1500 رپين جي معمولي سبسڊي جيتوڻيڪ هڪ چڱو قدم آهي پر ان جو فائدو 20 سيڪڙو ننڍن آبادگارن کي به ملڻ ڏکيو آهي. سنڌ آبادگار بورڊ چيو ته حڪومت زميني حقيقتن کان بي خبر نظر ٿي اچي ۽ اهو بلڪل وساري ويٺي آهي ته ڊيزل جي اگهن ۾ هاڻوڪي ڳاٽي ٽوڙ واڌ کان اڳ ئي زراعت بحران ۾ هئي ۽ هاڻ ان ۾ ويتر واڌ ٿيندي. گذريل 2 سالن کان زراعت جو شعبو زرعي شين جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي، پيداوار ۾ گهٽتائي ۽ قدرتي آفتن جي صورت ۾ بحران جي ورچڙيل رهيو آهي. سنڌ آبادگار بورڊ وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾سڀ کان وڌيڪ پوکجندڙ ڪڻڪ خوراڪ جي حفاظت لاءِ انتهائي اهم آهي پر حڪومت جي ناڪاره پاليسي جي ڪري ڪڻڪ جو اگهه جيڪو جنوري 2024 ۾ 4000 رپين تائين هو سو ان ئي سال دوران اپريل تائين وڏي پيماني تي گهٽجي 2200 رپين تائين پهتو هو، جڏهن ته هاڻي رڳو ٿورن آبادگارن کي اگهه 3500 رپيا ملي سگهندو جڏهن ته باقي آبادگارن کي کليل مارڪيٽ ۾ 3200 رپيا به مشڪل سان ٿو ملي، جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ ڪڻڪ جو في مڻ پيداواري خرچ اڳ ئي 4000 رپيا تائين وڌي چڪو آهي. سنڌ آبادگار بورڊ ان بحران جو گهڻي ڀاڱي ذميوار حڪومت کي قرار ڏنو ۽ چيو ته هي بحران گهڻو ڪري حڪومت جو ئي پيدا ڪيل آهي جنهن جو ڪارڻ زرعي شيون مارڪيٽ ۾ اچڻ واري وقت ۾ به انهن جي پرڏيهه مان امپورٽ جاري رهڻ ۽ برآمد تي پابندي لڳائڻ سان گڏ پيداوار لاءِ ڪم ايندڙ شين جي اگهن ۾ واڌ نه روڪڻ پڻ شامل آهي . جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ حڪومت ٻجن تي تحقيق، ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ زراعت کي ٻين طريقن سان هٿي ڏيڻ بابت ڪجهه به نه ٿي ڪري. ايتري تائين جو 65 ارب آمريڪي ڊالر جي زرعي معيشت ۾ زرعي قرض رڳو 8 ارب آمريڪي ڊالر آهي. ان جو نتيجو اهو آهي ته آهي هتي ٽريڪٽرن جو وڪرو، زراعت ۾ سيڙپڪاري ۽ زرعي مشينري جي خريداري دنيا ۽ خطي جي ڀيٽ ۾ گهڻي گهٽ آهي. سنڌ آبادگار بورڊ وڌيڪ چيو ته حڪومت جي اها سوچ سراسر غلط فهمي تي ٻڌل آهي ته ڊيزل جي اگهه ۾ سبسڊي ڏيڻ سان زرعي شعبو نقصان کان بچي سگهندو، ڇو ته ڊيزل جي تازي واڌ سان آبادگارن جي في ايڪڙ تي خرچ ۾ ٻارنهن هزار روپين جي واڌ ٿيندي ان جي ڀيٽ ۾ ننڍن آبادگارن کي في ايڪڙ تي 1500 رپيا هڪ ڀيرو سبسڊي ڏيڻ سان ان جو پورائو ڪيئن ٿو ٿي سگهي. سنڌ آبادگار بورڊ وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾زراعت سان لاڳاپيل لڳ ڀڳ 26 لک ڪٽنب آهن، جن مان 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ننڍا آبادگار آهن، جن وٽ 2025 جي زرعي شماري مطابق 25 ايڪڙن کان گهٽ زمين آهي. جڏهن ته، هاري ڪارڊ رڳو ٽي لک ٽيهه هزار ننڍن آبادگارن کي جاري ڪيو ويو آهي. تنهن ڪري هي سبسڊي سمورن ننڍن آبادگارن تائين به نه پهچندي. سنڌ آبادگار بورڊ وڌيڪ چيو ته حڪومت بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ کي عارضي سمجهي ٿي پر اصل معاملو ان جي بدران ليويز ۽ ٽيڪسن جي صورت ۾ واڌ جو آهي. تنهن ڪري، حڪومت کي زرعي پيداوار لاءِ ڪتب ايندڙ شين جي اگهن کي گهٽائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ان لاءِ ڊيزل تي ليوي ۽ ٽيڪسن ۾ ڪيل واڌ واپس ورتي وڃي. حڪومت اجايا خرچ بند ڪري ان سان ٿيندڙ بچت وارو ناڻو ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ روڪڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي. سنڌ آبادگار بورڊ جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هاڻوڪيون حالتون آبادگارن لاءِ وڌيڪ ڏکيون ٿي ويون آهن جن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ آبادگار بورڊ هڪ هفتي اندر اتر سنڌ ۾ هڪ گڏجاڻي ڪندو جنهن ۾ آبادگارن سان ٿيندڙ نا انصافين خلاف پنهنجو آواز اٿارڻ لاءِ حڪمت عملي ٺاهي ويندي.










