آئي اسپتال بحالي ۽ مرمت جي ڪم مڪمل، 6 اپريل تي کولڻ جو اعلان

آئي اسپتال بحالي ۽ مرمت جي ڪم مڪمل، 6 اپريل تي کولڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته بلديه عظميٰ ڪراچي جي ماتحت سڀني اسپتالن کي جديد بنيادن تي آڻڻ ۽ شهرين کي سندن دروازن تي معياري طبي سهولتون فراهم ڪرڻ اولين ترجيح آهي۔ هن چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت اسپتال جون سڀئي سهولتون بهتر بڻايون پيون وڃن ۽ اسپنسر آئي اسپتال کي بحالي ۽ مرمت جي ڪم مڪمل ٿيڻ کان پوءِ 6 اپريل تي کوليو ويندو۔ هنن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن اسپنسر آئي اسپتال ۾ جاري ترقياتي، مرمتي ۽ اپ گريڊيشن جي ڪم جو تفصيلي جائزو وٺندي ۽ لاڳاپيل اختيارين کي ڪم جي رفتار وڌيڪ تيز ڪرڻ جون هدايتون ڏيندي ڪيو۔ ان موقعي تي ميونسپل ڪمشنر ڪي ايم سي ابرار جعفر، سينيئر ڊائريڪٽر ميڊيڪل ڊاڪٽر مهوش مٺاڻي، ڊائريڪٽر ميڊيا دانيال سيال ۽ ٻيا آفيسر پڻ ساڻس گڏ موجود هئا۔ ميئر ڪراچي زيرِ تعمير وارڊن، آپريشن ٿيٽر، او پي ڊي ۽ ٻين سهولتن جو جائزو وٺندي چيو ته بلديه عظميٰ ڪراچي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صحت کاتي ۾ انقلابي تبديليون آنديون پيون وڃن ۽ سڀ وسيلا شفاف انداز ۾ استعمال ڪيا پيا وڃن ته جيئن عوام کي بهترين سهولتون فراهم ڪري سگهجن۔ هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته مريضن جي سهولت کي نظر ۾ رکندي طبي خدمتن جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي۔سينيئر ڊائريڪٽر ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سروسز ڊاڪٽر مهوش مٺاڻي ميئر ڪراچي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اسپتال ۾ اکين جي بيمارين جي علاج لاءِ جديد تشخيصي اوزار، جديد ليزر ٽيڪنالاجي ۽ ماهر ڊاڪٽرن جي نگراني ۾ علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون، جن ۾ موتيو، گلوڪوما، ريٽينا جون بيماريون، ٻارن جي اکين جا مسئلا، نظر جي ڪمزوري ۽ ٻيون پيچيده بيماريون شامل آهن۔اسپتال انتظاميا موجب مرمت کان پوءِ جديد انفڪشن ڪنٽرول سسٽم، آرامده ويهڻ جون جايون ۽ بهتر طبي سهولتون مهيا ڪيون وينديون۔ اسپنسر آئي اسپتال جلد جديد ۽ مفت طبي سهولتن سان پنهنجي خدمتون ٻيهر شروع ڪندو۔

پهنجو تبصرو موڪليو