آئين کي 26هين ترميم ذريعي قتل، 27هين کان پوءِ دفن ڪيو ويو

آئين کي 26هين ترميم ذريعي قتل، 27هين کان پوءِ دفن ڪيو ويو

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف پي ٽي آءِ جي باني ميمبر حامد خان چيو آهي ته آئين کي 26هين آئيني ترميم جي ذريعي قتل ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ 27هين آئيني ترميم جي ذريعي آئين جي تدفين ڪئي وئي.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پروفيشنل گروپ جي پريسڪ انفرنس جي دوران پي ٽي آءِ جي سينئر اڳواڻ حامد خان چيو ته هڪ ناجائز حڪومت اسان جي مٿان مڙهي وئي. انهن اسيمبلين آئين ۾ اهڙيون ترميمون ڪيون جنهن جو اهي اختيار به نه رکنديون هيون. صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون ڌانڌلي ٿيل چونڊن ذريعي ٺاهيون ويون.حامد خان چيو ته جيڪو سياسي طور تي آواز اٿارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي انهن جي زبان بند ڪرائي پئي وڇي. ملڪ ۾ اهڙو جبر ۽ زيادتي اسان ڪڏهن به ناهي ڏٺي. هن چيو ته دعا آهي ته نئون سال اسان لاءِ سٺو ثابت ٿئي. جيڪو 2025 يا انهي کان گذريل سال ۾ ٿيو اهي ملڪ جي لاءِ ڊيڄاريندڙ سال هئا.حامد خان چيو ته اسان کي خوشي آهي ته اسان جي ٻنهي بار ايسوسيئيشن ليڊنگ رول پلي ڪيو. ٻيو گروپ هاڻ حڪومتي گروپ بڻجي ويو آهي ۽ اها ترميم آڻڻ ۾ ٻئي گروپ جي اڳواڻ جو هٿ آهي. عدليه جي خلاف قدمن تي مزاحمت ڪرڻ جو بار صرف پروفيشنل گروپ تي آهي. ايندڙ چونڊيل صدر انهي معاملي کي اڳيان کڻي هلندا.هن چيو ته ملڪ ۾ڪو به آئين، قانون هاڻ نه رهيو آهي. جڏهن به آئيني سيٽ اپ سان ڪا ڇيڙ ڇاڙ ڪئي وئي ته اسان جا وڪيل اڳواڻ ئي اڳيان آيا. اميد آهي ته وڪيل اسٽيبلشمينٽ جي بي ٽيم نه بڻجندا.پي ٽي آءِ جي سينئر اڳواڻ چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو صدر اسان جي پسند هو پر اسان کي اندازو نه هو ته اسٽيبلشمينٽ اهڙي طرح پئسي جو استعمال ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو