پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي هدايتن تي روڊ تحريڪ جون تياريون شروع ٿي ويون آهن. آئين اسان کي پرامن احتجاج جو حق ڏئي ٿو. اسان هن حق کي هر قيمت تي استعمال ڪنداسين.پشاور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو ته اسان هميشه آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي جدوجهد ڪئي آهي ۽ اها اسان جي سڃاڻپ آهي. عمران خان جي هدايتن تي روڊ تحريڪ جون تياريون شروع ٿي ويون آهن. نوجوانن کي هر سطح تي تيار رهڻ گهرجي. آئين اسان کي پرامن احتجاج جو حق ڏئي ٿو، جيڪو اسان هر قيمت تي استعمال ڪنداسين.خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير چيو ته ملڪ دشمن سياسي پارٽين اقتدار جي خاطر ادارن ۽ جمهوريت کي نقصان پهچايو ۽ سپريم ڪورٽ تي به انهن ئي قوتن حملو ڪيو. سازشي عنصر نوجوانن کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪندا، تنهن ڪري ڌيان نه وڃايو. نوجوانن کي ملڪ دشمن بيانن ۽ منفي پروپيگنڊا کان هوشيار رهڻ گهرجي.هن چيو ته غلط سياسي ڪلچر ۽ انتشار جي سياست بدعنوان عنصرن متعارف ڪرائي آهي، ۽ حقيقي آزادي جي جدوجهد آئين ۽ قانون جي دائري ۾ جاري رهندي.










