آئين ٺاهيندڙن اليڪشن ڪميشن کي ٺاهيو، اهي ختم به ڪري سگهن ٿا

آئين ٺاهيندڙن اليڪشن ڪميشن کي ٺاهيو، اهي ختم به ڪري سگهن ٿا

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته آئين ٺاهيندرن اليڪشن ڪميشن کي ادارو ٺاهيو، هاڻ جيڪڏهن اهي چاهين ته ختم به ڪري سگهن ٿا. پريم ڪورٽ ۾ پنجاب ۾ اليڪشن ٽربيونلز جي جوڙجڪ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران سلمان اڪرم راجا ۽ چيف جسٽس وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي.ٻڌڻي دوران وڪيل سلمان اڪرم راجا موقف اختيار ڪيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي اليڪشن ڪميشن کي عمل ڪرڻ گهرجي ها، لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڪوبه فيصلو ڏيڻ کان سواءِ سپريم ڪورٽ معاملو ختم نٿي ڪري سگهي. سلمان اڪرم راجا جي دليلن تي چيف جسٽس چيو ته اسان عدالتي فيصلن تي ڀاڙينداسين يا آئين تي؟ عدالت آئين جي پابند آهي، مون کي انهي سان ڪوبه فرق نٿو پوي ڪنهن جج فيصلو ڏنو.چيف جسٽس سلمان اڪرم کان سوال ڪيو ته ڇا اوهان پنهنجي مرضي جا ججز ٽربيونلز جي لاءِ چاهيو ٿا؟ جڏهن لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ مشاورت ٿي چڪي آهي ته وڌيڪ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ اوهان چاهيو ٿا ته ٽربيونلز جو معاملو ئي ختم ئي نه ٿئي. جنهن تي سلمان اڪرم چيو ته هاءِ ڪوٽ جو حڪم ڪالعدم يا برقرار رکڻ کان سواءِ هي ڪيس ختم نه ٿيندو، اليڪشن ڪميشن وٽ اختيار نه آهي ته ڪهڙو جج ڪهڙي ٽربيونل جو ڪيس ٻڌندو. عدالتي فيصلن جي بجاءِ صرف آئين تي عمل ڪرڻ سان ملڪ ۾ مسئلا پيدا ٿيندا.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته آئين ٺاهيندڙن جي سياڻپ هوندي آهي، آئين تمام گهڻو ڏکيو ڪتاب آهي جيڪو صرف هڪ سياڻو شخص ئي سمجهي سگهي ٿو، آئين ٺاهيندڙن اليڪشن ڪميشن جو ادارو ٺاهيو اهي چاهين ته ختم به ڪري سگهن ٿا. في الحال اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ادارو آهي جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ اليڪٽرول ڪم شروع ڪري ڇڏي ته ڇا ٿيندو؟ جنهن کان پوءِ عدالت پنجاب ۾ اليڪشن ٽربيونلز جي جوڙجڪ بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو بعد ۾ ٻڌايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو