آئيني عدالت قائم ٿيڻ سٺو عمل آهي، قادر مگسي

آئيني عدالت قائم ٿيڻ سٺو عمل آهي، قادر مگسي

حيدرآباد (پ ر)سنڌ ترقي پسند پارٽي (ايس ٽي پي) جي مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو اهم اجلاس پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال، ستاويھين آئيني ترميم، سنڌ جي وحدت ۽ وسيلن تي ٿيندڙ ممڪن حملن، افغان پناهگيرن جي نيڪالي، ۽ ايندڙ بلدياتي چونڊن جي حڪمتِ عملي بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.اجلاس ۾ سينيئر وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو، گلزار سومرو، حيدر شاھاڻي، نثار ڪيريو، هوت خان گاڏهي، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، قادر چنا، ڊاڪٽر احمد نوناري، امتياز سمون، ڊاڪٽر سومار مڱريو، حيدر ملاح، خدابخش درس، ڄام شوڪت ابڙو، گوتم چنا، سحر رضوي، اعجاز سامٽيو، خير محمد مگسي، ڊاڪٽر مظھر ميمڻ، اطهر شاه ۽ ٻين مرڪزي اڳواڻن سميت سڄي سنڌ مان ضلعي صدر، جنرل سيڪريٽري ۽ ڊويزنل اڳواڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ڊاڪٽر قادر مگسي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان هڪ گهڻ قومي ملڪ آهي، جنهن ۾ شامل هر قومي ايڪائي پنهنجي مرضي سان فيڊريشن جو حصو بڻي هئي، تنهن ڪري ملڪ کي ٺهڻ وقت ڪيل واعدن مطابق برابري، انصاف ۽ خودمختياري جي اصولن تحت هلائڻ لازمي آهي. هن چيو ته سنڌ هزارين سالن جي تهذيب، تاريخ ۽ ثقافت رکندڙ ڌرتي آهي، جيڪا رڳو زمين جو ٽڪرو نه پر ست ڪروڙ سنڌين جو وطن آهي، ۽ سنڌ جي وحدت خلاف ڪنهن به سازش کي سنڌ جا ماڻهو هرگز قبول نه ڪندا.ايس ٽي پي چيئرمين وڌيڪ چيو ته رب پاڪ سنڌ کي قدرتي وسيلن سان مالا مال ڪيو آهي، پر حڪمرانن جي غلط پاليسين، ڪرپشن ۽ بدانتظامي سبب سنڌ جا وارث اڄ به بک، بيماري ۽ بيروزگاري ۾ جڪڙيل آهن. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ستاويھين آئيني ترميم جي نالي ۾ سنڌ جي وسيلن، حدن يا خودمختياري تي حملو ڪيو ويو ته سنڌ جا ماڻهو اهڙي سازش جو ڀرپور مقابلو ڪندا.ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته آئيني عدالت قائم ٿيڻ سٺو عمل آهي، پر ان سان گڏ هر صوبي جي الڳ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ به قائم ڪرڻ گهرجي، ته جيئن انصاف ۽ قانون وڌيڪ مستحڪم ۽ جلد ميسر ٿئي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ستاويھين آئيني ترميم جي نالي ۾ بادشاهييت قائم ڪرڻ ۽ فردن کي هر احتساب کان آجو رکڻ وارو عمل ٿئي ٿو ته اهو سخت غلط آهي، اهڙي عمل سان نه صرف جمهوري نظام متاثر ٿيندو پر اهو بادشاهي طرزِ حڪمراني جي صورت اختيار ڪري وٺندو ۽ ملڪ ۾ ڪرپشن کي وڌيڪ هٿي ڏيندو.ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته حڪمرانن جا غلط فيصلا ملڪ جي وحدت ۽ استحڪام لاءِ خطرو بڻجي رهيا آهن. اهڙن قدمن سان ننڍن صوبن ۾ احساسِ محرومي وڌي رهيو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي کي سنڌ جي عوام اقتدار تائين پهچايو، پر ان پارٽي سنڌين سان غداري ڪئي آهي. سنڌ جو عام ماڻهو اڄ به پاڻي، صحت، تعليم ۽ روزگار جهڙين بنيادي سهولتن کان محروم آهي، جڏهن ته ڪرپٽ حڪمرانن عوام جي وسيلن تي قبضا ڪيا آهن.ايس ٽي پي چيئرمين چيو ته هڪ منظم منصوبي تحت سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي ڌارين کي آباد ڪري سنڌ جي قومي سڃاڻپ مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پر سنڌ جو باشعور عوام اهڙي سازش کي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيڻ ڏيندو. هن افغان پناهگيرن جي نيڪالي ۾ پيپلز پارٽي جي لاپرواهي تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته سنڌ کي غيرقانوني آبادڪاري جي خطرناڪ نتيجن کي منهن ڏيڻو پيو آهي.ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ تي مسلط ٿيل جاگيردار ۽ ڀوتار طبقو سدائين سنڌ دشمن قوتن جو ساٿي رهيو آهي، جڏهن ته وفاقي پارٽيون به انهن ئي مفاد پرست طبقن جون نمائنده آهن. هن چيو ته جيستائين پورهيت ۽ مسڪين طبقي جا نمائندا اقتدار ۾ نٿا اچن، تيستائين سنڌ جي تقدير نه بدلندي.ڊاڪٽر مگسي اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته ايندڙ بلدياتي چونڊن لاءِ مڪمل تياري ڪئي وڃي ۽ سڄي سنڌ ۾ جاگيردارن، ڀوتارن ۽ ڪرپٽ حڪمرانن جي مقابلي ۾ عوامي اميدوار ميدان ۾ آندا وڃن، جيڪي حقيقي طور تي عوامي حقن جي حفاظت ڪن.اجلاس ۾ متفقه طور تي فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ 14 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ “يومِ شهداءِ سنڌ” جو شاندار ۽ تاريخي جلسو ڪوٺايو ويندو، جنهن ۾ سنڌ جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي.اجلاس جي پڄاڻي تي عزم ڪيو ويو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي سنڌ جي وحدت، وسيلن ۽ قومي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجي سياسي، تنظيمي ۽ عوامي جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪندي، ۽ سنڌ جي هر ضلعي، شهر ۽ ڳوٺ تائين تحريڪ کي منظم انداز ۾ وڌايو ويندو.ھوڏانھن سنڌ ترقي پسند پارٽي (ايس ٽي پي) جي مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو اهم اجلاس پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال، ستاويھين آئيني ترميم، سنڌ جي وحدت ۽ وسيلن تي ٿيندڙ ممڪن حملن، افغان پناهگيرن جي نيڪالي، ۽ ايندڙ بلدياتي چونڊن جي حڪمتِ عملي بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.اجلاس ۾ سينيئر وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو، گلزار سومرو، حيدر شاھاڻي، نثار ڪيريو، هوت خان گاڏهي، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، قادر چنا، ڊاڪٽر احمد نوناري، امتياز سمون، ڊاڪٽر سومار مڱريو، حيدر ملاح، خدابخش درس، ڄام شوڪت ابڙو، گوتم چنا، سحر رضوي، اعجاز سامٽيو، خير محمد مگسي، ڊاڪٽر مظھر ميمڻ، اطهر شاه ۽ ٻين مرڪزي اڳواڻن سميت سڄي سنڌ مان ضلعي صدر، جنرل سيڪريٽري ۽ ڊويزنل اڳواڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ڊاڪٽر قادر مگسي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان هڪ گهڻ قومي ملڪ آهي، جنهن ۾ شامل هر قومي ايڪائي پنهنجي مرضي سان فيڊريشن جو حصو بڻي هئي، تنهن ڪري ملڪ کي ٺهڻ وقت ڪيل واعدن مطابق برابري، انصاف ۽ خودمختياري جي اصولن تحت هلائڻ لازمي آهي. هن چيو ته سنڌ هزارين سالن جي تهذيب، تاريخ ۽ ثقافت رکندڙ ڌرتي آهي، جيڪا رڳو زمين جو ٽڪرو نه پر ست ڪروڙ سنڌين جو وطن آهي، ۽ سنڌ جي وحدت خلاف ڪنهن به سازش کي سنڌ جا ماڻهو هرگز قبول نه ڪندا.ايس ٽي پي چيئرمين وڌيڪ چيو ته رب پاڪ سنڌ کي قدرتي وسيلن سان مالا مال ڪيو آهي، پر حڪمرانن جي غلط پاليسين، ڪرپشن ۽ بدانتظامي سبب سنڌ جا وارث اڄ به بک، بيماري ۽ بيروزگاري ۾ جڪڙيل آهن. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ستاويھين آئيني ترميم جي نالي ۾ سنڌ جي وسيلن، حدن يا خودمختياري تي حملو ڪيو ويو ته سنڌ جا ماڻهو اهڙي سازش جو ڀرپور مقابلو ڪندا.ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته آئيني عدالت قائم ٿيڻ سٺو عمل آهي، پر ان سان گڏ هر صوبي جي الڳ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ به قائم ڪرڻ گهرجي، ته جيئن انصاف ۽ قانون وڌيڪ مستحڪم ۽ جلد ميسر ٿئي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ستاويھين آئيني ترميم جي نالي ۾ بادشاهييت قائم ڪرڻ ۽ فردن کي هر احتساب کان آجو رکڻ وارو عمل ٿئي ٿو ته اهو سخت غلط آهي، اهڙي عمل سان نه صرف جمهوري نظام متاثر ٿيندو پر اهو بادشاهي طرزِ حڪمراني جي صورت اختيار ڪري وٺندو ۽ ملڪ ۾ ڪرپشن کي وڌيڪ هٿي ڏيندو.ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته حڪمرانن جا غلط فيصلا ملڪ جي وحدت ۽ استحڪام لاءِ خطرو بڻجي رهيا آهن. اهڙن قدمن سان ننڍن صوبن ۾ احساسِ محرومي وڌي رهيو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي کي سنڌ جي عوام اقتدار تائين پهچايو، پر ان پارٽي سنڌين سان غداري ڪئي آهي. سنڌ جو عام ماڻهو اڄ به پاڻي، صحت، تعليم ۽ روزگار جهڙين بنيادي سهولتن کان محروم آهي، جڏهن ته ڪرپٽ حڪمرانن عوام جي وسيلن تي قبضا ڪيا آهن.ايس ٽي پي چيئرمين چيو ته هڪ منظم منصوبي تحت سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي ڌارين کي آباد ڪري سنڌ جي قومي سڃاڻپ مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پر سنڌ جو باشعور عوام اهڙي سازش کي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيڻ ڏيندو. هن افغان پناهگيرن جي نيڪالي ۾ پيپلز پارٽي جي لاپرواهي تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته سنڌ کي غيرقانوني آبادڪاري جي خطرناڪ نتيجن کي منهن ڏيڻو پيو آهي.ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ تي مسلط ٿيل جاگيردار ۽ ڀوتار طبقو سدائين سنڌ دشمن قوتن جو ساٿي رهيو آهي، جڏهن ته وفاقي پارٽيون به انهن ئي مفاد پرست طبقن جون نمائنده آهن. هن چيو ته جيستائين پورهيت ۽ مسڪين طبقي جا نمائندا اقتدار ۾ نٿا اچن، تيستائين سنڌ جي تقدير نه بدلندي.ڊاڪٽر مگسي اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته ايندڙ بلدياتي چونڊن لاءِ مڪمل تياري ڪئي وڃي ۽ سڄي سنڌ ۾ جاگيردارن، ڀوتارن ۽ ڪرپٽ حڪمرانن جي مقابلي ۾ عوامي اميدوار ميدان ۾ آندا وڃن، جيڪي حقيقي طور تي عوامي حقن جي حفاظت ڪن.اجلاس ۾ متفقه طور تي فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ 14 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ “يومِ شهداءِ سنڌ” جو شاندار ۽ تاريخي جلسو ڪوٺايو ويندو، جنهن ۾ سنڌ جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي.اجلاس جي پڄاڻي تي عزم ڪيو ويو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي سنڌ جي وحدت، وسيلن ۽ قومي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجي سياسي، تنظيمي ۽ عوامي جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪندي، ۽ سنڌ جي هر ضلعي، شهر ۽ ڳوٺ تائين تحريڪ کي منظم انداز ۾ وڌايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو