رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ)رحيم يار خان شهر ۾ قومي شاهراهه تي مسلم چوڪ ويجهو هڪ آئل ٽينڪر ۾ باهه لڳڻ سبب چار ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا.ريسڪيو ذريعن موجب، واقعو ورڪشاپ ۾ هڪ آئل ٽينڪر جي مرمت دوران ويلڊنگ دوران پيش آيو. آئل ٽينڪر ۾ باهه لڳڻ سبب ويلڊر سميت چار ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا ۽ هڪ شخص زخمي ٿي پيو.ريسڪيو ٽيم چيو ته آئل ٽينڪر جي مرمت جو ڪم جاري هو، ٽينڪر اندر ڪو به تيل نه هو.ريسڪيو اختيارين موجب، آئل ٽينڪر ۾ باهه تي ضابطو آندو ويو آهي.










