آءِ ايم ايف پروگرام تي عملدرآمد لاءِ پرعزم آهيون: اورنگزيب

آءِ ايم ايف پروگرام تي عملدرآمد لاءِ پرعزم آهيون: اورنگزيب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام تي عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي.اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته معاشي سڌارن جو عمل جاري رهندو، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ٿيو آهي، ملڪي معيشت بهتري جي رستي تي آهي.محمد اورنگزيب چيو ته مهانگائي جي شرح 70 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي آهي، هاڻي اسان کي معاشي استحڪام جا بنياد مضبوط ڪرڻا پوندا.ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت خانگي شعبي کي پاليسي جون هدايتون ڏيندي، معيشت ۾ خانگي شعبي جو اهم ڪردار آهي، معيشت ۾ هائوسنگ شعبي جو اهم ڪردار آهي.هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ ناڻي واري وزارت هڪ بيان ۾ چيو هو ته پاڪستان ۾ مهانگائي ساڍا 6 سالن جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي آهي.ناڻي واري وزارت چيو هو ته ايندڙ مهينن ۾ مالي صورتحال مستحڪم ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو