آءِ ايم ايف جون شرطون پوريون ڪيون، ڪجهه چين سان لاڳاپيل هيون

آءِ ايم ايف جون شرطون پوريون ڪيون، ڪجهه چين سان لاڳاپيل هيون

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سڀاڻي آءِ ايم ايف جي بورڊ جو اجلاس آهي، اسان انهن جا سمورا شرط پورا ڪيا آهن، سخت شرطون هيون.وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف جون ڪجهه شرطون چين سان لاڳاپيل هيون، چين ٻيهر هٿ کنيو ۽ ماضي وانگر سهڪار ڪيو.هن چيو ته هو چيني قيادت، سعودي عرب ۽ يو اي اي جا شڪرگذار آهن، سندن سهڪار کانسواءِ اهو ممڪن نه هجي ها.وزيراعظم چيو ته گڏيل ڪوششن سان حڪومت ۽ ادارن معاشي چئلينجز کي قبول ڪيو آهي، ڏينهن رات محنت سان معاشي اشارا بهتر ٿي رهيا آهن.وزيراعظم شهباز شريف ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان سان به ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو