ڳڙهي تيغو ۾  پوليس ۽ رينجرز جو آپريشن، 2 ڄڻا مارجي ويا

ڳڙهي تيغو ۾ پوليس ۽ رينجرز جو آپريشن، 2 ڄڻا مارجي ويا

خانپور (ن س )خانپور ويجهو ڳڙهي تيغو جي ڪچي ۾ شڪارپور پوليس ۽ رينجرز جي گڏيل آپريشن دوران هڪ ڏوهاري حاڪم تيغاڻي ۽ واٽهڙو جاڳڻ تيغاڻي مارجي ويا.ڳڙهي تيغو جي ڪچي ۾ شڪارپور پوليس ۽ رينجرز طرفان گڏيل آپريشن ڪيو ويو.قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڏوهارين وچ ۾ راڪيٽ لانچرن ۽ جديد هٿيارن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ڪئي وئي. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ ڏوهاري حاڪم تيغاڻي ۽ واٽهڙو جاڳڻ تيغاڻي مارجي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته ڏوهارين جي خاتمي تائين ڪچي ۾ آپريشن جاري رهندو. ڏوهارين ۽ پوليس ۾ مقابلي سبب علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو