ڳالهيون ناڪام، 5 جولاءِ کان پيٽرول پمپ بند ڪرڻ جو اعلان

ڳالهيون ناڪام، 5 جولاءِ کان پيٽرول پمپ بند ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ۽ حڪومت وچ ۾ ٿيل ڳالهيون ناڪام ٿيڻ کان پوءِ پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن 5 جولاءِ جي صبح 9 وڳي کان سڄي ملڪ جا پيٽرول پمپ بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي صدر عبدالسميع خان اعلان ڪندي چيو آهي ته هڙتال جو ٽائيم هڪ ڏينهن کان وڌيڪ به ٿي سگهي ٿو، ڊيلرن کي چئي ڇڏيو آهي ته 4 جولاءِ تائين جو پيٽرول پمپ تي رکن.عبدالسميع خان چيو ته سڀاڻي رات کان پوءِ سڄي ملڪ جا پمپ بند ٿيڻ شروع ٿي ويندا جيستائين حڪومت ٽيڪس واپس نٿي وٺي ڳالهيون نه ٿينديون. سڄي ملڪ جا 14 هزار ڊيلرز پنهنجا پيٽرول پمپ 5 جولاءِ کان بند ڪري ڇڏيندا.عبدالسميع خان وڌيڪ چيو ته اسان شهرين کي به اپيل ڪريون ٿا ته اهي پنهنجي گاڏين ۾ پيٽرول ڀرائي ڇڏين. ڇو ته 5 جولاءِ تي سڄي ملڪ جا پيٽرول پمپ بند هوندا.صدر پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن چيو ته ناڻي واري وزير، چيئرمين ايف بي آر ۽ اوگرا چيئرمين سان ملاقاتون ٿيون پر انهن جو ڪوبه نتيجو نه نڪتو جنهن کان پوءِ هڙتال جو سڏ ڏئي رهيا آهيون، ڊبل ٽيڪس آئين جي ڀڃڪڙي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو