اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) اليڪشن ڪميشن ۾ يوسف رضا گيلاني جي بطور سينيٽر ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فرخ حبيب، ملائڪه بخاري ۽ ڪنول شوزب طرفان داخل ڪئي وئي آهي. داخل درخواست ۾ سنڌ جي اطلاعات واري وزير ناصر حسين شاهه جي آڊيو ٽيپ جو حوالو ڏنو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته يوسف رضا گيلاني جي پٽ علي حيدر گيلاني اسيمبلي ميمبرن کي رشوت ڏيندو رهيو جڏهن ته پاڪستان مسلم ليگ(ن) پنهنجي تقرير ۾ ٽڪيٽ ڏيڻ جي واعدي جو اقرار ڪيو آهي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ڪميشن مريم نواز جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ۽ علي حيدر گيلاني کي نااهل قرار ڏئي ڇڏي.ياد رهي ته ان کان اڳ حڪومت سينيٽ ۾ اسلام آباد جي جنرل سيٽ تي پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ جي گڏيل اميدوار يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي کي چيلنج ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.










