گوجرانوالا ۾ پوليس مقابلا، 3 خطرناڪ ڦورو مارجي ويا، 3 فرار

گوجرانوالا ۾ پوليس مقابلا، 3 خطرناڪ ڦورو مارجي ويا، 3 فرار

گجرانوالا: (ويب ڊيسڪ) گجرانوالا ۾ مختلف پوليس اسٽيشنن جي حدن ۾ ٻه مبينا پوليس مقابلا ٿيا.اهي مقابلا لڌي والا ۽ تتل عالي پوليس اسٽيشنن جي علائقن ۾ ٿيا. مقابلن دوران ٽي خطرناڪ ڌاڙيل مارجي ويا جڏهن ته ٽي فرار ٿي ويا. مارجي ويل ڌاڙيلن جي سڃاڻپ حمزه، ارسلان ۽ افتخار جي نالي سان ٿي آهي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌاڙيل ڏوهه ڪرڻ کان پوءِ فرار ٿي رهيا هئا. جڏهن پوليس پيڇو ڪيو ته جوابدارن فائرنگ ڪئي. جوابدار پنهنجن ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا.پوليس اختيارين جو وڌيڪ چوڻ هو ته فرار ٿيل ڌاڙيلن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ناڪا بندي ڪئي وئي آهي ۽ جلد ئي انهن کي حراست ۾ ورتو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو