گهڻو اهم آهي ته اليڪشن ڪميشن جي ڏنل تاريخ تي اليڪشن ٿئي

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) اڳوڻي سينيٽ جي چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته گهڻو اهم آهي ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ٿئي. ۽ اليڪشن ڪميشن جي ڏنل تاريخ تي اليڪشن ٿئي. هڪ بيان ۾ رضا رباني چيو ته سيڪيورٽي فورسز تي تازن دهشتگرد حملن جي مزمت ڪريون ٿا. پيپلز پارٽي جي سينيٽر چيو ته 2023ع جي پهرين نصف ۾ 217 حملن ۾ 389 ماڻهو موت جو شڪار ٿيا ۽ 256 زخمي ٿيا. 2023ع جو باقي اڌ سال به ڪجهه بهتر نه نظڙ پيو اچي. رضا رباني چيو ته پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺي آهي. اهو نظر ۾ رکيو وڃي ته غير قانون رهندڙ افغان پناهگيرن جي واپسي جي وقت هي حملا ٿيا. هن چيو ته اينڊڙ حڪومت دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ علائقائي حڪمت عملي جوڙي

پهنجو تبصرو موڪليو