گهريلو اڻبڻت تان مڙس، زال ۽ نياڻي کي قتل ڪري ڇڏيو

ملير(ن س) ڪراچي جي پراڻي وسندي ڳوٺ سومار ڪنڊاڻي ۾ جمن نالي شخص گهريلو اڻبڻت سبب پنهنجي زال ۽ نياڻي کي ڇريون هڻي قتل ڪرڻ بعد پاڻ به خودڪشي جي ڪوشس ڪئي پر سندس حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ سومار ڪنڊاڻي ۾ پيش آيل واقعي بابت پوليس پاڙيوارن جا بيان قلمبند ڪري ورتا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪالهه سندن گهر ۾ گوڙ ٿيو جنهن تي ڪاوڙ ۾ اچي جمن پنهنجي زال 60 سالن جي لطيفان کي ڇريو هنيون، سندس نياڻي 35 سالن جي زبيدا ڇڏائڻ آئي ته والد هن کي به ڇريون هنيون ۽ سندن زخمي نياڻي رڙيون ڪندي گهر کان ٻاهر نڪري آئي ۽ مدد لاءِ پڪاريندي رهي. زبيدا پاڙي وارن کي ٻڌايو ته سندس والد، هن جي والده کي قتل ڪري چڪو آهي. پوليس موجب زال ۽ نياڻي تي حملي بعد مڙس پاران خودڪشي جي ڪوشش ڪئي وئي. زبيدا جيڪا اسپتال داخل هئي اها اڄ فوت ٿي وئي آهي. جڏهن ته سندن والد جي حالت به خطري جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو