گهرو وزير پاران ڪوسٽ گارڊز کي اپ گريڊ ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گهرو وزير محسن نقوي پاڪستان ڪوسٽ گارڊز کي اپ گريڊ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.گهرو وزير سينيٽر محسن نقوي جي صدارت هيٺ پاڪستان ڪوسٽ گارڊز جي هيڊڪوارٽرز ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گهرو سيڪريٽري، پاڪستان ڪوسٽ گارڊز جي اعليٰ عملدارن ۽ آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.محسن نقوي پاڪستان ڪوسٽ گارڊز جي اپ گريڊيشن جو اعلان ڪندي چيو ته پاڪستان ڪوسٽ گارڊز کي جديد طريقن تي اپ گريڊ ڪيو ويندو.محسن نقوي چيو ته محدود وسيلن جي باوجود ڪوسٽ گارڊز جي ڪارڪردگي شاندار آهي پر پاڪستان ڪوسٽ گارڊز کي ساحلي علائقن مان اسمگلنگ روڪڻ لاءِ وڌيڪ فعال ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو