گهربل دهشتگردن جي لسٽ جاري،مٿن انعام مقرر

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) انتهائي گهربل دهشتگردن جي ٻي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.سي ٽي ڊي پاران جاري ڪيل لسٽ ۾ 30 دهشتگردن جا نالا ۽ تصويرون شامل آهن جن جو تعلق بنون، لڪي مروت، ڊي آءِ خان ۽ ٻين ضلعن سان آهي.لسٽ ۾ بنون ۽ لڪي مروت جا 13، 13 دهشتگرد شامل آهن، دهشتگردن جي سر جي قيمت 3 لک کان 50 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.سي ٽي ڊي ڪي پي جي موجوده لسٽ موجب لڪي مروت سان تعلق رکندڙ دهشتگرد حبيب الله جي سر جي قيمت 5 لک جڏهن ته بنون جي دهشتگرد ڪمانڊر مولوي نعمت الله جي سر جي قيمت 4 لک مقرر ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو