گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ سنجيده قدم کڻڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ شهري جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ سخت قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي جي سينٽرل ضلعي مان گم ٿيل شهري جي بازيابي بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.عدالت سنڌ جي گهرو کاتي کي فوري طور جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو حڪم ڏيندي صوبائي حڪومت، وفاقي حڪومت ۽ ٻين کان 29 مئي تي جواب طلب ڪري ورتو.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته فضل مير ضمانت ملڻ بعد سينٽرل جيل مان پنهنجي ڀاءُ کي وٺڻ ويو هو ته نامعلوم ماڻهو فضل مير کي زبردستي پاڻ سان گڏ کڻي ويا.جسٽس نعمت الله چيو ته هي ڪهڙو مذاق آهي، هڪ ڀاءُ کي جيل مان ڪڍيو ويو ۽ ٻئي کي غائب ڪيو ويو؟ اهڙو رويو برداشت نه ڪيو ويندو، گم ٿيل شهرين کي فوري طور تي رجسٽر ڪرائي ان جو پتو لڳايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو