اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي عدالت بغاوت ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل جا هڪ ڀيرو ٻيهر ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج چيو ته بغاوت ڪيس ۾ اشتهاري شهباز گل جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ ٻيهر جاري ڪيا ويا آهن.عدالت پوليس کي هدايت ڪئي ته شهباز گل جڏهن به نظر اچي ته کيس گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.ياد رهي ته شهباز گل خلاف مختلف ادارن جي سربراهن تي ڀڙڪائڻ جا ڪيترائي ڪيس داخل آهن.
