گرين لائن کي دهشتگردي جو نشانو بنائڻ جي ڪوشش ناڪام

نوشهروفيروز (ويب ڊيسڪ) پڊعيدن ۾ دهشتگردن طرفان ريلوي ٽريڪ تي بارودي مواد لڳائي گرين لائن ايڪسپريس کي نشانو بنائڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي آهي.رپورٽ موجب اربع ۽ خميس جي وچ واري رات نوشهروفيروز جي ڳوٺ پڊعيدن ڀريا روڊ جي وچ ۾ بچه شاهه درگاهه جي ويجهو ريلوي ٽريڪ تي ان وقت ڌماڪو ٿيو جڏهن اتان کان گرين لائن ايڪسپريس گذرڻ واري هئي. واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا اهلڪار موقعي تي پهچي ويا.ڪراچي کان پنڊي ويندڙ خيبر ميل ايڪسپريس پڊعيدن ۽ جيڪب آباد ويندڙ سکر ايڪسپريس کي ڪوٽ لالو ريلوي اسٽيشن تي روڪيو ويو. ان حوالي سان ايس ايڇ او پڊعيدن چيو آهي ته بم ڌماڪي سبب ريلوي ٽريڪ جو 4 فٽ حصو تباهه ٿيو. جنهن کي 7 ڪلاڪن جي ڪارروائي کان پوءِ جزوي طور تي بحال ڪيو ويو آهي.شروعاتي جاچ موجب واقعو ڪريڪر حملو لڳندو آهي ۽ ان جو مقصد عوام ۾ دهشتگردي ڦهلائڻ هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو