گجو-بلو فشنگ نيٽ تي پابندي لاءِ وفاق سان رابطي جو فيصلو

گجو-بلو فشنگ نيٽ تي پابندي لاءِ وفاق سان رابطي جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان بلوچستان حڪومت جي فشريز کاتي جي وفد پارلياماني سيڪريٽري برڪت رند جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي جنهن جو مقصد ماھيگري شعبي کي هٿي وٺرائڻ آهي ته جيئن مقامي ماهيگيرن جي زندگي جو معيار بھتر بڻائي سگھجي. وفد ۾ سيڪريٽري فشريز حڪومت بلوچستان جاويد شهواڻي ۽ ڊائريڪٽر فشريز ٽيڪنيڪل ڊاڪٽر علاؤالدين شامل ھئا. وڏي وزير جي معاونت سندس صلاحڪار لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز نجمي عالم، سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز ڪاظم جتوئي ۽ سيڪريٽري ٽو سي ايم رحيم شيخ پڻ ڪئي. ٻنهي صوبن جي ماهيگيري کاتي جي آفيسرن ان ڳالھھ تي زور ڀريو تھ مڇي پڪڙڻ لاءِ گجو-بلو فشنگ نيٽ جو استعمال مڇي جي انڊن کي تباھھ ڪري رھيو آھي، جنھن ڪري مڇيءَ جو ذخيرو ختم ٿي رھيو آھي ۽ ماھيگير بيروزگار ٿي رھيا آھن. ھنن ماھيگري لاءِ گجو-بلو فشنگ نيٽ جي درآمد کي روڪڻ لاءِ مناسب اپاءَ وٺڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. وڏي وزير چيو تھ حساس گجو-بلو نيٽ جي درآمد تي پابنديءَ لاءِ وفاقي حڪومت سان ڳالھائيندو. اجلاس ۾ وڏي وزير ماھيگيري کاتي کي ھدايت ڪئي تھ ماھيگيرن لاءِ فلاحي اسڪيمون شروع ڪيون وڃن ۽ بلوچستان حڪومت سان گڏجي اتي بھ اھڙي طرح جون اسڪيمون شروع ڪيون وڃن. وڏي وزير فيصلو ڪيو تھ ٻنھي صوبن جا ماھيگيري کاتا ھڪٻئي سان رابطن کي وڌائن تھ جيئن سامونڊي خوراڪ کي برآمد کي وڌائي سگھجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو