ڪڻڪ جي پيداوار 42 لک ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ ٿي،شورو

حيدر آباد (ن س )سنڌ جي خوراڪ واري وزير ڄام خان شورو جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ هارين کان ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، هن سيزن ۾ ڪڻڪ جي پيداوار 42 لک ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ ٿي آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي ڄام خان شورو چيو ته هن ڀيري ڪڻڪ جو فصل گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ بهتر ٿيو آهي.صوبائي وزير چيو ته خوراڪ کاتي پاران هن سال 9 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي ويندي.هن چيو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه 4 هزار رپيا في 40 ڪلو آهي.ڄام خان شورو چيو ته خوراڪ کاتي جي گودامن ۾ اڳ ئي 5 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ موجود آهي.هن وڌيڪ چيو ته خوراڪ کاتي هن وقت تائين 643 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو