ڌاڙيلن خلاف غيرمعمولي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف غيرمعمولي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي.آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڪچي ۾ آپريشنز جي جائزي لاءِ اجلاس دوران ڳالهائيندي چيو ته ڌاڙيلن خلاف هاڻ سخت ايڪشن ٿيندو.جڏهن ته اجلاس ۾ سکر، گهوٽڪي، شڪارپور ۽ ڪشمور ائٽ ڪنڌڪوٽ جي ايس ايس پيز پاران وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي وئي.آءِ جي سنڌ چيو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪارروائين ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ سي پي ايل سي جي مدد کي ممڪن بڻايو وڃي.هن چيو ته ڪچي ۾ مقرر پوليس اهلڪارن کي ماهوار 10 هزار روپيا الائونس ڏيڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن.هن چيو ته ڌاڙيلن پاران عورتاڻي آواز ۾ هرکائي ۽ لالچ ڏئي شهرين کي اغوا ڪرڻ وڏو چئلينج آهي، ڌاڙيل ۽ سندن سهولتڪارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو