ڪچي ۾ آپريشن ۽ اسٽريٽ ڪرائمز جي خاتمي لاءِ اپاءُ وٺون پيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ سينيٽ چونڊ ۾ اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا کي سپورٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ موجب فيصل واوڊا کي سپورٽ ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي، هو هن شهر مان ايم اين اي رهيو آهي. تحريڪ انصاف تي تنقيد ڪندي هن چيو ته انهن کي هاڻ عدليا جي آزادي جو خيال اچي رهيو آهي، جڏهن بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري خلاف ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا ته ان وقت عدليا جي آزادي ڪنهن کي ياد نه آئي. سندس چوڻ هو ته ڪچي جي معاملي ۽ اسٽريٽ ڪرائمز تي ضابطي لاءِ حڪومت سنجيده آهي، هر شهري جي جان ۽ مال جي حفاظت حڪومت جو فرض آهي، اسان کي سنڌ ۾ هٿيار ۽ منشيات جي آمد کي روڪڻو آهي، ملڪ ۾ هٿيار ۽ منشيات کي سرحدن تي روڪڻ وفاقي ادارن جي ذميواري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو