ڪي پي ۾ گهربل دهشتگردن جي سرن جي اگهه واري ٽين لسٽ

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي دهشتگردي ٽوڙ کاتي (سي ٽي ڊي) مطلوب دهشتگردن جي ٽئين لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.سي ٽي ڊي جي بيان موجب لسٽ ۾ 128 دهشتگردن جا نالا ۽ تصويرون شامل آهن، انهن دهشتگردن جو تعلق بنون، لڪي مروت، مردان ۽ ٻين ضلعن سان آهي، جن جي سر جي قيمت 3 لک کان 70 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.دهشتگردن جي سرن جي ڪل قيمت 10 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي، دهشتگرد ظاهر قادر جي سر جي سڀ کان وڏي قيمت 70 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. جڏهن ته دهشتگرد حبيب الحق جي سر جي قيمت 60 لک رپيا رکي وئي آهي. سي ٽي ڊي لسٽ ۾ شامل دهشتگرد عجب شاهه جي سر جي قيمت 55 لک رپيا، حبيب الله، شاڪر الله، سيد الاڪبر ۽ نور قيوم جي سر جي قيمت 50، 50 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته دهشتگردن جي سر جي قيمت 50 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. ڪامران، عمر ۽ اسماعيل جي قيمت به 50، 50 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه دهشتگرد ڪفايت الله ۽ نذير شاهه جي سر جي قيمت 55 لک ۽ 53 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. جڏهن ته دهشتگرد ڪمانڊر مولوي نعمت الله ۽ ڪامران جي سرن جي قيمت 40، 40 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو