پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي نئين 13 ميمبرن واري ڪابينا حلف کڻي ورتو، خيبر پختونخواهه جي نئين ڪابينا جي حلف برداري تقريب گورنر هائوس، پشاور ۾ منعقد ڪئي وئي، حلف برداري تقريب ۾ گورنر پختونخواهه فيصل ڪريم ڪنڊي، ڪي پي جو وڏو وزير محمد سهيل آفريدي ۽ ٻيا عملدار شرڪت ڪئي. صوبائي اسيمبلي جو اسپيڪر بابر سليم سواتي، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پي پڻ تقريب ۾ موجود هئا، خيبر پختونخواهه جي 13 ميمبرن واري ڪابينا ۾ 10 وزير، 2 صلاحڪار ۽ هڪ خاص مددگار شامل آهن،تقريب ۾ ڪي پي ڪابينا ۾ شامل 10 صوبائي وزيرن حلف کنيو. گورنر خيبر پختونخواهه فيصل ڪريم ڪنڊي صوبائي وزيرن کي حلف کڻايو، صوبائي وزيرن ۾ مينا خان، فضل شڪور، آفتاب عالم، فيصل ترڪئي، عاقب الله، ارشد ايوب خان، امجد علي، خليق الرحمان، رياض خان ۽ فخر جهان شامل آهن،ان کان علاوه، مزمل اسلم ۽ تاج محمد وڏي وزير جا صلاحڪار آهن ۽ شفيع الله جان خاص مددگار آهي.










