ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪي پي ٽي کان ڄام صادق پل تائين ايڪسپريس وي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ بورڊ جو 45 هون اجلاس ٿيو.اجلاس دوران هن ڪراچي ۾ ڪي پي ٽي کان ڄام صادق پل تائين ايڪسپريس وي ٺاهڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اهڙو روڊ ٺاهيو ويندو جيڪو ڪي پي ٽي ٽرمينل، ڄام صادق پل ۽ ملير ايڪسپريس وي کي ڳنڍيندو.سنڌ جي وڏي وزير لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ کي پڻ هدايت ڪئي ته پي پي پي يونٽ سان گڏجي منصوبي کي حتمي شڪل ڏني وڃي.اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته اين اي ڊي ٽيڪنالاجي پارڪ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت قائم ڪيو پيو وڃي، سنڌ حڪومت ان منصوبي لاءِ 1.7 ارب رپيا مختص ڪيا آهن.اجلاس دوران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪويت جي ڪمپني سان سمورو پيپر ورڪ مڪمل ڪيو ويو آهي.مراد علي شاهه چيو ته اين اي ڊي ٽيڪنالاجي پارڪ جي عمارت 20 فلور هوندي.هن چيو ته 2017ع جي ڊبليو ڊبليو ايف جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ٻيلن زمين جو 6 سيڪڙو آهن، ٻيلن جي ڪل ايراضي گهٽ ۾ گهٽ 25 سيڪڙو هجڻ گهرجي، اسان موسمياتي تبديلين جي اثرن کان تمام گهڻو متاثر ٿي رهيا آهيون، پبلڪ پرائيويٽ کاتو. پارٽنرشپ 100,000 هيڪٽر ٻيلا قائم ڪندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته مٽياري ۽ ڄامشوري جي خام علائقن ۾ ٻيلا پوکيا ويندا. اجلاس دوران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته پهرين مرحلي ۾ 34 هزار 995 هيڪٽرن تي ٻيلا پوکيا ويندا، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي بورڊ منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.اجلاس ۾ هن ماربل سٽي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ ۾ دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته منصوبي کي هر صورت ۾ حتمي شڪل ڏئي شروع ڪيو وڃي.










