ڪي پي ۾ سينيٽ جي ضمني چونڊ ۾ آزاد اميدوار خرم ذيشان ڪامياب

ڪي پي ۾ سينيٽ جي ضمني چونڊ ۾ آزاد اميدوار خرم ذيشان ڪامياب

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه ۾ سينيٽ جي سيٽ لاءِ ٿيل ضمني چونڊ ۾ پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار خرم ذيشان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ شبلي فراز جي نااهلي سبب خالي ٿيل سينيٽ جي سيٽ لاءِ پولنگ جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي. غير سرڪاري نتيجن موجب، 145 ميمبرن جي ايوان مان 137 ميمبرن ووٽ ڏنو. پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اميدوار خرم ذيشان 91 ووٽن سان ڪامياب قرار ڏنو ويو، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي حمايت يافته آزاد اميدوار تاج محمد آفريدي 45 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو. ايوان ۾ حڪومتي ميمبرن جو تعداد 92 آهي، جڏهن ته مخالف ڌر جي ميمبرن جو تعداد 53 آهي. هڪ ووٽ رد ڪيو ويو. اليڪشن بائيڪاٽ جي ڪري اي اين پي جي چار ميمبرن ووٽ نه ڏنو، جڏهن ته، جي يو آءِ-ايف جي اڪرم خان دراني، پي ٽي آءِ پي ميمبر ناديا شير، پي پي پي پارلياماني ميمبر فرزانه ۽ آزاد ميمبر علي هادي به ووٽنگ کان غير حاضر هئا. فتح کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي صوبائي صدر جنيد اڪبر چيو ته اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ٿيو آهي ته خيبرپختونخوا جا ميمبر عمران خان سان گڏ بيٺا آهن، هي فتح تحريڪ انصاف ۽ جمهوريت جي فتح آهي. خرم ذيشان آئين ۽ قانون جي حڪمراني کي برقرار رکڻ بابت ڳالهائيندو. نئين چونڊيل سينيٽر خرم ذيشان ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته اسان جو پهريون مقصد باني چيئرمين جي آزادي آهي، اڄ جي فتح اصل ۾ باني چيئرمين جي فتح آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو