ڪي اليڪٽرڪ کي لائسنس ٻيهر ڏجي يا نه؟ ٻڌڻي مڪمل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪي اليڪٽرڪ جي لائسنس جي تجديد جي درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي.چيئرمين نيپرا وسيم مختار جي صدارت هيٺ ڪي اليڪٽرڪ جي ڊسٽري بيوشن لائسنس جي تجديد بابت ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ نيپرا عملدارن ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ جو 20 سالن جو لائسنس ختم ٿي ويو آهي. ڪي اليڪٽرڪ کي 6 مهينن لاءِ عبوري ڊسٽري بيوشن لائسنس ڏنو ويو، عبوري لائسنس جي مدي به جنوري ۾ ختم ٿي ويندي.نيپرا اختيارين جو چوڻ هو ته ڪي اليڪٽرڪ لائسنس جي تجديد بابت اسٽيڪ هولڊرز کان تجويزون طلب ڪيون ويون پر اڪثر تجويزون اليڪٽرڪ ڊسٽري بيوشن لائسنس جي تجديد خلاف آيون.ٻڌڻي دوران اليڪٽرڪ اختيارين دعويٰ ڪئي ته هنن نجڪاري کانپوءِ 20 سالن ۾ 474 ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪئي، اها رقم پاور ڊسٽريبيوشن ۽ ٽرانسميشن ۽ ٻين شعبن ۾ لڳائي وئي.ٻڌڻي دوران جماعت اسلامي ڪراچي جي اڳواڻ عمران شاهد چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي ڪي اليڪٽرڪ جي مدد نه ڪرڻ گهرجي، ڪي اليڪٽرڪ بدترين لوڊشيڊنگ ڪري ٿي، ڪي اليڪٽرڪ جو سوئي سدرن سان گئس جو ڪو معاهدو ناهي، ڪي اليڪٽرڪ کان بجلي ملي ٿي. وفاقي حڪومت سان به ڪو معاهدو ناهي ٿيو، نيپرا ڪي اليڪٽرڪ کي ايوارڊ ڏيڻ بند ڪري.نيپرا بجلي جي لائسنس جي تجديد بابت درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي، جنهن جو فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو