ڪي اليڪٽرڪ کان 15 جولاءِ تائين لوڊشيڊنگ بابت پلان طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ کان 15 جولاءِ تائين بجلي جي پيداوار ۽ لوڊشيڊنگ بابت پلان گهري ورتو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪي اليڪٽرڪ طرفان هيٽ ويو دوران لوڊشيڊنگ ۽ اڻ اعلانيل بجلي بندش تي جماعت اسلامي جي درخواست تي لکت حڪم نامو جاري ڪيو ويو.عدالت چيو ته ڪراچي کي بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپني جو وڪيل پيش ٿيو، وڪيل نوٽيس وصول ڪندي درخواست جي ڪاپي گهري آهي، وڪيل هيٽ ويو دوران ذميواري بابت رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ مهلت گهري آهي.حڪم نامي موجب عدالت ڪي اليڪٽرڪ کان 15 جولاءِ تائين بجلي جي پيداور ۽ لوڊشيڊنگ بابت پلان گهري ورتو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو