ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)امير جماعت اسلامي ڪراچي منعم ظفر خان ڪي اليڪٽرڪ جو لائسنس رد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. منعم ظفر چيو آهي ته واپاري پريشان آهن، صنعتڪار پريشان آهن، ڪي اليڪٽرڪ سڀ کان وڌيڪ يونٽ چارج ڪري رهي آهي. منعم ظفر جو چوڻ آهي ته اسان جو واضع مطالبو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جو لائسنس رد ڪيو وڃي، عوام کي سستي بجلي فراهم ڪئي وڃي، لوڊشيڊنگ ۽ بلند بلن کي بند ڪيو وڃي.هن چيو ته واپاري دوست اسڪيم جي نالي تي واپاري دشمن اسڪيم ٺاهي وئي آهي.










