ڪينجهر ويجهو پڪنڪ وين تي فائرنگ، 1 ڄڻو زخمي

ٺٽو (ويب ڊيسڪ) ٺٽي جي ڪينجهر جيل ويجهو مسافر وين تي اڻڄاتل جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني.ٺٽي پوليس موجب وين تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ٺٽي پوليس جو چوڻ آهي ته وين ۾ سوار ماڻهو ڪراچي کان پڪنڪ لاءِ ڪينجهر ڍنڍ وڃي رهيا هئا.وين تي فائرنگ ڪندڙ جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائيون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو