راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)چترال جي علائقي ڪيلاش ۾ دهشتگردن پاڪ افغان سرحد تي پاڪ فوج جي 2 پوسٽن تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 4 بهادر جوان شهيد ٿي ويا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) موجب دهشتگردن جي وڏي انگ ۾ جديد هٿيارن سان فوجي چيڪ پوسٽن تي حملو ڪيو ويو.سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن کي بروقت ۽ موثر جواب ڏنو.سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز جوابي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن کي وڏو نقصان پهچايو.فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 جوان شهيد ۽ 12 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته وڏو انگ سخت زخمي ٿي پيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته افغان عبوري حڪومت کي افغان صوبن نورستان ۽ ڪنڙ ۾ دهشتگردن جي حرڪت بابت بروقت آگاهه ڪيو ويو.اميد آهي ته افغان عبوري حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي ۽ پنهنجي سرزمين کي پاڪستان خلاف دهشتگرد ڪاررواين لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان جي سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن، پاڪ فوج جي جوانن جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي مضبوط ڪن ٿيون.
