ڪيسن کي منهن ڏئي ٿڪجي پيو آهيان، هاڻي سزا ڏيون: شيخ رشيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته هو ڪيسن کي منهن ڏئي ٿڪجي پيو آهي، بهتر آهي ته هاڻي سزائون ڏني وڃي، راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اسان جي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن. هنن چيو ته اسان جي خلاف ڪو به ثبوت ناهي، مون کي اسلام آباد جي 3 عدالتن ۾ پيش ٿيڻو آهي، حڪومت جو انجڻ دونهون ڏئي رهيو آهي، 30 جون کان سياست ۾ وڏي تبديلي ايندي.شيخ رشيد جو چوڻ هو ته 9 مئي جي واقعن تي هر ڪو چئي رهيو آهي ته عدالتي ڪميشن ٺهي، هن ملڪ ۾ انصاف جو مذاق اڏايو پيو وڃي، هن ملڪ جي عوام کي عدليه کان انصاف جي اميد آهي.هن وڌيڪ چيو ته منهنجو تعلق پي ٽي آءِ سان ناهي، منهنجو تعلق پي ٽي آءِ جي باني سان آهي، مهانگائي خلاف به ماڻهو ائين نڪرندا جيئن ڪشمير ۽ راولڪوٽ ۾ نڪرندا.راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد جي وڪيل سردار عبدالرزاق ايڊووڪيٽ چيو ته اڄ اسان شيخ رشيد جي ڪيسن مان بريت جي درخواست داخل ڪئي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو