اوڪاڙه (ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ جاويد لطيف جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جي قيادت سان جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿي ان جي توقع نه هئي، ڪنهن کي به جمهوريت جي حفاظت جو سبق نه سيکاريو وڃي.اوڪاڙه ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف چيو ته مائنس نواز شريف کي ڪجهه به قبول ناهي. هن چيو ته چيئرمين کي پي ٽي آءِ ۽ ان جي گروپ سان ڳالهين جو سوچڻ به نه گهرجي. هن چيو ته چونڊن ۾ پنجاب اندر ڪو به اتحاد يا سيٽ ايڊجسٽمينٽ نه ٿيندي، خيبرپختونخواهه، ڪراچي، اندرون سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿيندي. جاويد لطيف چيو ته چونڊون طوفان ۽ برفباري ۾ به ٿينديون آهن. هن وڌيڪ چيو ته 9 مئي جي واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.
