ڪوڙي خبر تي شازيا مري جو پبلڪ ٽي وي کي نوٽيس

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پي پي اڳواڻ شازيا عطا مري ڪوڙي خبر هلائڻ تي پبلڪ ٽي وي جي لاهور واري رپورٽر هرميت سنگهه کي 10 ارب روپين جي هرجاڻي جو قانوني نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. 4 سيپٽمبر تي جاري ڪيل نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته 14 ڏينهن جي اندر غير مشروط طور عوامي سطح تي معافي وٺي خبر جي ترديد ڪريو نه ته اوهان خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. اوهان ٽوئٽر تي جاري ڪيل ٽوئيٽ ڊليٽ ڪريو ۽ پبلڪ ٽي وي تي معافي وٺي. ياد رهي ته ڄاڻايل رپورٽر 2 سيپٽمبر تي 8.21 منٽن تي پبلڪ ٽي وي تي ته ’ پيپلز پارٽي جي اڳوڻي وزير شازيا عطا مري جي گهر نيب جو ڇاپو 97 ارب روپين جي ڪيش برآمد‘. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته اها ڪوڙي ۽ بي بنياد خبر هئي جنهن سان شازيا مري جي ساک کي نقصان پهتو. نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شازيا مري عوام لاءِ ايمانداري سان ڪم ڪندي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو