لاهور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حمزا شهباز چيو آهي ته ڪوڙا ڪيس ٺاهڻ وارن کي الله جي حوالي ڪريان ٿو.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حمزا شهباز چيو ته عدالت سان ڌوڪو ڪيو ويو، پي ٽي آءِ جي باني جي حڪومت ۾ ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا.حمزه شهباز چيو ته ان حڪومت دوران به ايف آءِ اي چيو ته ڪو به ٺوس ثبوت ناهي، اڄ نواز شريف کي به باعزت بری ڪيو پيو وڃي، ڪوڙو ڪيس ٺاهي قومي خزاني کي نقصان پهچايو ويو.هن چيو ته ڪوڙا ڪيس ٺاهڻ وارا اڄ به ڪٽهڙي ۾ آهن، عوام جي مستقبل لاءِ سڀني کي جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهرجي.حمزه شهباز جو اهو به چوڻ آهي ته مان سياسي ڪارڪن آهيان، منهنجي اميد ۽ دعا آهي ته چونڊون وقت تي ٿين، شفاف ۽ آزاد چونڊن لاءِ ليول پلينگ فيلڊ ضروري آهي.










