ڪوڏي ڪوڏي ٽورنامينٽ ۾ خيرپور جي ٽيم سوڀاري

پيرجوڳوٺ (صفي الله منڱڻيجو) رپڙي ۾ منظور حسين عباسي پاران سالياني 15 ھين ڪوڏي ڪوڏي ٽورنامينٽ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ پنجاب کان علي پنجابي ۽ خيرپور کان صابر علي ڪلھوڙو جي ٽيمن حصو ورتو. فائينل جو دنگل خيرپور جي ٽيم پنهنجي نانءُ ڪري ورتو. ان موقعي تي مھمان خاص وڏيرو اختر حسين عباسي، سپريم ڪورٽ جي وڪيل احمد علي گهمرو، يوسي رپڙي جي چيئرمين محمد علي پنهور، طارق مغل، فيض محمد ڦلپوٽو، زاھد حسين پنھور، وڏيرو سليم احمد پنهور، ڊاڪٽر محمد شريف پنھنور، عنايت ناريجو، الھ وڌايو ڪلھوڙو ۽ ٻين علائقي واسين وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي. جڏهن ته ٽورنامنيٽ کٽيندڙ ٽيم کي 10 ھزار روپيا جڏهن ته ھارائيندڙ ٽيم کي 5 ھزار روپيا روڪ رقم انعام طور ڏنا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو